سيد حيدر شاهه 2

سيد حيدر شاهه2: سيد حيدر شاهه ولد سيد مير علي شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏن مان هو، هيءُ 108هه/1398ع تي امير تيمور سان گڏجي هندستان ۾ آيو. ڪجھه وقت کانپوءِ سيد حيدر شاهه پنهنجي والد ۽ امير تيمور کان موڪلائي سنڌ جي شهر هالا ڪنديءَ ۾ اچي رهيو. انهن ڏينهن ۾ هالا جي حاڪم ميران محمد نالي هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن ڏوهه ڪري 525 روپيا ڏنڊ وڌو هو، جيڪو غربت جي ڪري هالا ادا ڪري نه سگھيا. سيد حيدر شاهه اها رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏني، جنهنڪري ماڻهو کانئس ڏاڍا متاثر ٿيا. ڪجھه وقت کانپوءِ وڏيري شاهه محمد هالي جي نياڻي فاطمه سان سندس شادي ٿي. فاطمه سندس ماءُ جو نالو هجڻ ڪري بيبي صاحبه جو نالو مٽائي بيبي سلطان رکيائين. هالا شهر ۾ ڪجھه وقت رهڻ کانپوءِ کيس پنهنجي والد جي وفات جي خبر پئي ته پاڻ واپس هرات وڃڻ وقت نشانيءَ طور ٽي شيون منڊي، خنجر ۽ هڪ خانداني ٻانهي بيبي صاحبه جي حوالي ڪري ويو ۽ وصيت ڪيائين ته پٽ ڄمي ته ان جو نالو مير علي رکيو وڃي ۽ اهي ٽئي امانتون ڏئي کيس هرات اماڻجو.
سيد حيدر شاهه هرات وڃڻ کانپوءِ تقريباً ٽي سال جيئرو رهيو، کيس اتي اڳيئي ٻه فرزند سيد محمد ۽ سيد حسين نالي هئا، جن کي پيءُ جي ڇڏيل ڪافي دولت هٿ ائي، هيڏانهن هالا ۾ به بيبي سلطان صاحبه کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو. جڏهن نينگر وڏو ٿيو ته پيءُ جون ڇڏيل امانتون کڻي هرات روانو ٿيو ۽ ڀائرن سان ملي پنهنجو حصو گھريائين، جن پهريان ته انڪار ڪيو، پر قاضيءَ جي فيصلي کانپوءِ سيد مير علي سنڌيءَ کي حصو مليو ۽ پاڻ جلدي سنڌ موٽي آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو